سنگ جراح

سنگ جراح: هي هڪ پسارڪو وکر آهي، جيڪو پٿر جي صورت ۾ ملندو آهي، رنگ جو اڇو ٿئي. هن کي گهوٽي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، ميڻ، نوشادر ۽ ٻين شين سان ملائي زخم تي هڻڻ لاءِ دوا تيار ڪئي ويندي آهي.
حڪيمن موجب هن جو ٿورو مقدار نوشادر ۾ گھوٽي کارائجي ته پرميل، مثاني جي رائي، ڦٽ، پٿري، بواسير، حيض جي رت جي گھڻائي، نوَن خواهه پراڻن رت جي دستن، سوري ۽ پيچش کي بند ڪندو. سيني جي سور، پاسي جي سور، جگر ۽ ڦڦڙ جي تقويت لاءِ مفيد آهي، پيشاب کي جاري ڪري ٿو. ڏندن جي سور ۽ صفائيءَ لاءِ ۽ مهارن جي مضبوطيءَ لاءِ گهڻو فائديمند آهي. هن جو مرهم ڦٽن ۽ ناسورن کي چٽائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو